لاهور (م ڊ) پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد چيو آهي ته سنڌ اڃا تائين وفاق جي ڏنل ويڪسين استعمال نه ڪري سگهي آهي، بلاول ڪورونا جي آڙ ۾ سياسي تنقيد نه ڪري، هن چيو ته ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب اسپتالن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جيڪڏهن ماڻهن احتياط نه ڪيو ته ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ مڪمل لاڪ ڊائون به ڪري سگهون ٿا، اسپتال ۾ آڪسيجن جي صورتحال اطمينان جوڳي آهي، لاهور ۾ ويڪسينيشن لاءِ بس سروس شروع ڪري رهيا آهيون.