سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ ٻن شاگردياڻين جي وڊيو وائرل، آءِ بي اي يونيورسٽي جي اھم عملدارن مٿان سنگين الزام لڳايا ويا، يونيورسٽي انتظاميا وائرل ٿيل وڊيل ۾ لڳايل الزامن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي پاڻ کي آءِ بي اي سکر جون شاگردياڻيون ڄاڻائي پنھنجي شناخت ظاھر نه ڪندڙ برقع پوش نارين اھم عملدارن مٿان سنگين قسم جا الزام لڳائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي. اِن ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي رجسٽرار زاھد علي کنڊ وائرل ٿيل وڊيو ۾ لڳايل الزامن کي مڪمل طور رد ڪندي چيو ته آءِ بي اي سکر ھميشه ميرٽ ۽ بھتر تعليمي معيار تحت پنھنجي ڪاميابين جي سفر ڏانھن گامزن آھي، اِن قسم جي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ذميوارن تائين پھچڻ جي لاءِ جاچ پڻ ڪرائي ويندي.