ڳڙھي ياسين (رپورٽ: وحيد ڀٽو) ڳڙھي ياسين ويجهو عيساڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، هٿياربندن جو حملو، فائرنگ ۾ چاچو ڀائيٽيو قتل، هڪ زخمي، ڪڻڪ جي ديرن کي باهيون، پوليس نه پهتي، 3 ڪلاڪ لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا. خبر موجب دلاور معرفاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ رضا محمد عيساڻي ۾ هلندڙ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان هٿياربندن جديد ھٿيارن سان حملو ڪري زمين ۾ رکيل ڪڻڪ جي ديرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، حملي دوران ڌرين هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پيرسن لقمان عيساڻي ۽ سندس ڀائيٽيو وزير عيساڻي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو بدر الدين زخمي ٿي پيو، ڌرين ۾ 3 ڪلاڪن تائين فائرنگ جاري رهي، جنهن سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. ڳوٺ کان ڏيڍ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي واقع دلاور معرفاڻي ٿاڻو هجڻ باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ پهچڻ بدران موبائل ۽ نفري نه ھجڻ جو جواز ڄاڻائيندي لنوائيندي رهي، جنهن ڪري مارجي ويلن جا لاش ٽن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا، جڏهن ته ڪيترا ئي ڀيرا رابطو ڪرڻ باوجود ايس ايچ او فون اٽينڊ نه ڪيو، ڳڙهي ياسين اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتولن جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.