جيڪب آباد (رپورٽر) اڳوڻو وفاقي وزير محمد ميان سومرو ايندڙ چونڊون وڙهڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي محمد ميان سومرو وفد جي صورت ۾ جي يو آءِ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري وٽ پهتو ان موقعي تي محمد ميان سومرو جي يو آءِ اڳواڻ کي ايندڙ چونڊن ۾ اتحاد ڪرڻ جي دعوت ڏني جڏهن ته جي يو آءِ اڳواڻن ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي جلد وفد جي صورت ۾ ملاقات ڪري پينل جوڙڻ بابت صلاح مشورا ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو. ان موقعي تي اڳوڻي وفاقي وزير محمد ميان سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي يو آءِ جو ضلعي ۾ وڏو ووٽ بينڪ آهي، منهنجي خواهش آهي ته جي يو آءِ اسان جي اتحادي بڻجي وڃي، ايندڙ چونڊن ۾ پينل لاءِ سخي عبدالرزاق کوسو به اسان جي پينل ۾ هوندو هو اسان کان ڌار ناهي ٿيو وري به پينل کي نئين سر جوڙڻ لاءِ ان سان به ملاقات ڪنداسين. جي يو آءِ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جو چوڻ هو ته راشد محمود سومرو سان محمد ميان سومرو جي ضلعي جيڪب آباد ۾ ايندڙ چونڊن گڏيل طور وڙهڻ بابت ڳالهيون ٿيون هيون، هاڻ محمد ميان سومرو اسان وٽ پهتو آهي جنهن ۾ اهو طئي ٿيو ته چونڊن ۾ گڏيل طور حصو وٺڻ ڳالهيون جاري رکنداسين.