ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) گهوٽڪيءَ جي رائونتي ۽ آندل سندراڻيءَ واري ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ ايس ايس پي گھوٽڪي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪيءَ کان سي ايس آر فنڊ مان هڪ ڪروڙ رپيا گهري ورتا.  ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو ڊي سي کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته ضلعي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ پوليس پڪٽون ۽ رستا ٺاهيا پيا وڃن. ڏوهارين سان مقابلن دوران شهادت ماڻيندڙ 58 پوليس اهلڪارن جي نالي سان پوليس پوسٽون ۽ موٽروي جي حفاظت ۽ ڪچي ۾ پڪٽون توڙي رستا ٺاهڻ لاءِ رقم گهربل آهي. سي ايس آر فنڊ مان رقم جاري ڪئي وڃي ته جيئن موثر حڪمت عملي جوڙي سگهجي.