ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب سوئي سدرن (ايس ايس جي سي) جي ملازمن خلاف ريفرنس ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام، عدالت ريفرنس ۾ نامزد 4 آفيسرن کي ثبوت نه ملڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو، ڪالهه احتساب عدالت ريفرنس ۾ نامزد 4 جوابدارن ملڪ عثمان، شاهد حسين، عمر صبور ۽ تنوير مخدومي کي ثبوت نه ملڻ تان آزاد ڪري ڇڏيو، ريفرنس ۾ نامزد 2 جوابدار فوت ٿي چڪا آھن، جڏهن ته  2 فرار ڄاڻايل آهن، نيب موجب جوابدارن پنهنجن عھدن جو ناجائز فائدو وٺي پراڻن اثاثن جي مھانگي اگهه تي خريداري ڪري قومي خزاني کي هڪ ارب رپين جو نقصان پهچايو.