ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت  پاران مڪاني ادارن واري کاتي جي ملازمن جون پگھارون ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ جو فيصلو،ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ سرڪار پاران صوبي جي 1800 جي لڳ ڀڳ يوسيز، ٽائون ۽ ميونسپل ڪاميٽين، ڊي ايم سيز  ۽ ٻين مڪاني ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن پگھارن جي مد ۾ ٿيندڙ غبن ۽ غيرقانوني طور تي ملازمن جي ڀرتين وارا اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ ملازمن جي پگھارن وارو عمل ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي، انهي حوالي سان مڪاني ادارن واري ايڊيشنل چيف سيڪريٽري نجم شاھ پرڳڻي جي سمورن مڪاني ادارن کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته ملازمن جي تعداد (گريڊ وائيز) ، سندن پگھارن جي مد ۾ ماهوار جاري ٿيندڙ رقم سميت ٻيا تفصيل جمع ڪرايا وڃن، جيئن ملازمن جي پگھارن کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ ڪالهه چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي سربراهي ۾ اهم اجلاس پڻ ٿيو، جنهن ۾ لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري ملازمن جي پگھارن واري عمل کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته ڪي ايم سي سميت سمورن مڪاني ادارن جون پگھارون فنانشل مينيجمينٽ سسٽم تحت ڪيون وينديون، هن چيو ته ڪي ايم سي ۾ گذريل 2 مهينن کان تجرباتي طور تي ڪمپيوٽرائزڊ پيرول شروع به ڪيو ويو آهي، تمام جلد سمورين ڪائونسلن جي ملازمن جي پگھارن وارو عمل ڊجيٽل ڪيو ويندو.