اوٻاوڙو (رپورٽ: نذير احمد ٿهيم) اوٻاوڙو شهر ۾ ڌونڌو ۽ دايا ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار ھڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، جوابدارن لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي نوجوان وجاهت علي دايو  کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو. اوٻاوڙو اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي. دايا ڌر جا سوين ماڻهو پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. مظاهرين جو چوڻ هو ته غلام نبي ۽ صابر ڌونڌو وارن حملو ڪري نوجوان کي رتورت ڪري ڇڏيو. هنن ان سلسلي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته مڪاني چونڊن ۾ بيٺل اميدوار زاهد علي دايو کي هٿ کڻائڻ لاءِ حملو ڪرايو ويو آهي. جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مھتاب ڏهر پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پ پ اميدوار زاهد دايو کي هيسائڻ لاءِ حملو ڪيو ويو، سندس هڪ عزيز کي نازڪ حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هن الزام هنيو ته وڏيرو گوگي ڏهر صابر ڌونڌو جي چرچ تي حملو ڪرايو آهي. مان مجبور ٿي پريس ڪلب پهتو آهيان. علائقي ۾ بدامني ڇوٽ چڙهي وئي آهي. جڏهن ته گهوٽڪي پوليس بيوس بڻيل آهي. ڄام مھتاب ڏهر واضح ڪيو ته علائقي ۾ دهشتگردي ڪرڻ نه ڏيندس.