ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا)،ڦلجي ڀرسان ٻيرائي ڦاٽڪ وٽ تيز رفتار ڊبل ڪئبن ويگو گاڏي ڦلجي اچي رھي ھئي  ته، اچانڪ سامھو گڏھ گاڏو اچي ويو، گڏھ  گاڏي کي بچائيندي ويگو ڊاٽسن ۽ موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب موٽر سائيڪل سوار لياقت کوکر، ڊاٽسن ڊرائيور علي رضا ميمڻ  ۽ ويگو ڊرائيور سڄڻ کوسو سخت زخمي ٿي پيا ٽنھي زخمين کي پوليس پھچي ليٽر ڏئي سول اسپتال دادو اماڻيو جتي ھڪ ڄڻي لياقت کوکر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي .