نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاه جي علائقي حسيني روڊ واسي لياقت علي ماڇي  پراسرار نموني گم ٿيل ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد لاءِ احتجاج ڪيو، هن چيو ته سندس 45 سالن جو ڀاءُ عبدالرشيد ماڇي 10 مھينا اڳ محرم مھيني ۾ گھران نڪري ويو ته واپس ناهي آيو، هن چيو ته ڀاءُ جو ذھني توازن درست ناھي، ھن اختيارين کي اپيل ڪئي ته گم ٿيل ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي،