انگلينڊ جي بيٽنگ لائين تباهه، آسٽريليا آخري ٽيسٽ به کٽي ورتي

0
247
انگلينڊ جي بيٽنگ لائين

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) انگلينڊ جي بيٽنگ لائين هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنيگروز بالرن هٿان تباهه ٿي وئي آهي،  جنهن سبب آسٽريليا پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 146 رنسن تان کٽي ورتي آهي

ميڊيا مطابق راند جي ٽئين ڏهاڙي تي آسٽريليا 3 وڪيٽن جي نقصان سان 37 رنسن تي اننگ شروع ڪئي تھ سندس سمورا بيٽر 155 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، رڳو ايلڪس ڪيري 49 رنسون ٺاهي نمايان رهيو

جڏهن تھ 271 رنسن جي آسان هدف پويان کيڏندي انگلينڊ جي سڄي ٽيم 124 رنسن تي واري جي ڍير جيان ڊهي پئي ۽ 146 رنسن جي فرق سان شڪست کائي وئي. انگلش بيٽرن مان زيڪ ڪرائولي 36 رنسن سان نمايان رهيو، روري جوزف برنس 26، جوئي روٽ ۽ مارڪ ووڊ 11، 11 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ آسٽريليا جي بالرن پيٽ ڪمنز، اسڪاٽ بولينڊ ۽ ڪيمرون گرين 3، 3 وڪيٽون وٺي ٽيسٽ جو نتيجو بدلايو. راند جي پڄاڻي تي ٽريوس هيڊ پهرين اننگ ۾ 101 ۽ ٽيسٽ سيريز ۾ 357 رنسون ٺاهي پليئر آف دي ميچ ۽ پليئر آف دي سيريز جا ايوارڊ ماڻي ورتا آهن