اميتاڀ بچن ڪم نه هجڻ سبب گهر ويهي پريشان

0
251
اميتاڀ بچن ڪم نه

ممبئي (دلچسپ نيوز) بالي ووڊ جو بگ باس اميتاڀ بچن به انهن اداڪارن ۾ شامل آهي جن جو ڪم ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيو آهي.ممبئي سميت ڀارت جي مختلف رياستن ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ غير معمولي واڌ ٿي رهي آهي جنهن سبب ڪورونا پابنديون لاڳ ڪيون پيون وڃن.اهڙي صورتحال ۾ جتي عام ماڻهو پريشان آهي اتي اداڪاري جا شهنشاهه اميتاڀ بچن به پنهنجي گھر ۾ فارغ ويٺو آهي

اميتاڀ بچن انسٽاگرام تي پوسٽ شيئر ڪئي ۽ مداحن سان پنهنجي پريشاني جو ذڪر ڪيو، هن پنهنجي وڌيل ڏاڙهي سان گڏ هڪ تصوير پوسٽ ڪئي.اداڪار ڪيپشن ۾ لکيو ته سڀ ڪجهه بند آهي، ڪم رڪجي ويو آهي بس ڏاڙهي وڌي رهي آهي

اميتاڀ بچن جي پوسٽ تي جتي واهپيدارن جي وڏي انگ پنهنجا تبصرا پيش ڪيا اتي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ بي سي سي آءِ جي سربراهه ساروو گنگولي به اداڪار جي پوسٽ کي شاندار چيو