لاڙڪاڻو (رپورٽ :نويد لاڙڪ) شهيد بينظيرڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر انيلا عطاءَ الرحمان جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ وي سي يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن ۾ 29 آفيسرن ۽ ملازمن کي 6 مهينن جي فڪسڊ پگهار تي ڀرتي ڪري سندن آرڊر جاري ڪيل آرڊر سامهون اچي ويا آهن، جن تي 26 آگسٽ، 30 آگسٽ ۽ پهرين سيپٽمبر جون تاريخ لکيل آهن. شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي رجسٽرار جي صحيح سان جاري ٿيل آرڊرن موجب اڳوڻي وائيس چانسلر طرفان اسسٽنٽ، سب انجنيئر، اڪائونٽنٽ، اسسٽنٽ پلاننگ آفيسر، ڪمپيوٽر آپريٽر، سينيئر ڪلارڪ، جونيئر ڪلارڪ، ليب اٽينڊنٽ، معزن، ڊرائيور، نائب قاصد ۽ ٻين جا آرڊر جاري ڪيا ويا آهن. جاري ٿيل آرڊرن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي منظوري سان ڄاڻايل نوڪرين جا آرڊر 6 مهينن لاءِ فڪسڊ اعزازي بنيادن تي جاري ڪيا ويا آهن. آرڊر موجب اعزازي طور نوڪريون ماڻيندڙن جون پگهارون 40 هزار کان 25 هزار تائين آهن، جيڪي ماهوار لکين رپيا ٿين ٿا ان سان يونيورسٽي ۽ لاڳاپيل ادارن کي وڌيڪ سخت مالي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. واضح رهي ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاءُالرحمان يونيورسٽي ۾ چار سالن جو مدو پورو ڪرڻ بعد گذريل ڇنڇر ڏينهن چارج ڇڏي رواني ٿي هئي. جنهن کانپوءِ يونيورسٽي ۾ وقتي وائيس چانسلر مقرر نه ٿيڻ جي ڪري يونيورسٽي ڪيترن ئي ڏينھن کان بغير وائيس چانسلر جي هلي رهي آهي. هوڏانهن يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ وڏي وزير کي سمري اماڻي وئي آهي جنهن ۾ پروفيسر آف نيورو سرجري پروفيسر ڊاڪٽر علي اڪبر ڀنڊ، پروفيسر آف اي اين ٽي پروفيسر ڊاڪٽر گلزار احمد شيخ، پروفيسر آف فارميسي پروفيسر ڊاڪٽر رياض احمد شيخ ۽ پروفيسر آف ميڊيسن پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو جا نالا شامل آهن، پر اڃا تائين نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو آهي.