ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) تعليم کاتي جي اختيارين اسڪروٽني ڪاميٽي جي سفارش تي  سال 2012 ۾ ڀرتي ٿيل 206  استادن ۽ لوئر اسٽاف ڀرتيون درست قرار ڏئي ڇڏيون، ، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سال 2012ع ۾ پير مظهر جي دور ۾ تعليم کاتي جي اختيارين پاران ڀرتي  ڪيل استادن، ڪمپيوٽر آپريٽرن ۽ جونيئر  ڪلارڪن جي ڀرتين واري معاملي جي عدالتي حڪمن تي ٿيل اسڪروٽني جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي، اسڪروٽني ڪاميٽي جي سفارش تي تعليم کاتي جي سيڪريٽري 206 استادن، جونيئر ڪلارڪن ۽ لوئر اسٽاف جي ڀرتين تي واريل اعتراض  ختم ڪري سندن ڀرتيون درست قرار ڏئي ڇڏيون آهن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشنن موجب نور حسين تنيو، زاهده پروين، شازيا، رخسانه، صائمه، پروين منظور، نظير احمد، علي محمد، نعيم  شورو، منير شورو، نجمه خاتون، سحر بانو، شهنيلا پروين  شاھ،  شاهنواز، عبدالحڪيم خان، ماجد علي، حبيب الرحمان، فيض محمد، عبدالحفيظ مهيسر، شاهده پروين، شان محمد، آفتاب احمد، قربان پنهور، علي رضا، حميد خان، سرفراز  چنا، لکمير، محمد آصف، علي اڪبر، انيلا بيگم، صائمه سومرو، اختر احمد، محمد جاويد، ظهيران، محمد جميل، شوڪت علي، عبدالحميد، بلال احمد، شاهنواز، رقيه، منظوران، شازيه، سيد حبيب الله، عصمت خاتون، بشير احمد، رجب علي جون ڀرتيون درست قرار ڏنيون ويون آهن.