ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ  حڪومت شهيد بينظيرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر کي هٽائي رپوورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سجاول ضلعي جو ڊي سي به بدلي ان حوالي سان سروسز کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب    شهيدبينظير آباد جي ڊي سي  عامر حسين کي هٽائي رپورٽ ڪرايو ويو، جڏهن ته سجاول جي ڊي سي  شهريارگل کي بدلي ڪري ڊي سي شهيد بينظيرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪي ايم سي ۾ مقرر 18هين گريڊ جي ڪاموري امتياز ابڙو  کي  ڊي سي سجاول مقرر ڪيو ويو آهي.