ڪراچي: سنڌ جي  14 ضلعن اندر رٿيل  مڪاني چونڊن ۾ انتهائي حساس قرار ڏنل 2980 پولنگ اسٽيشنن تي پوليس ۽ رينجرز  مقرر ڪرڻ جو فيصلو، انتهائي حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيميرائون پڻ لڳايون وينديون. مڪاني اليڪشن جي حوالي سان چيف سيڪريٽري لاڳاپيل ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته جيڪي سهوليتون کٽل آهن، انهن کي ٻن ڏينهن ۾ پورو ڪيو وڃي.