ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ تڪبندين ۽ نئين مڪاني قانون بابت قانون سازي  جي حوالي سان  ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي  طرفان داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران خالد مقبول صديقي طرفان بيريسٽر فروغ نسيم عدالت ۾ پيش ٿي. موقف اختيار ڪيو ته هن ڪيس ۾ سنڌ حڪومت پنهنجو جواب جمع ڪرائي چڪي آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ موجود سموريون سياسي پارٽيون مڪاني اليڪشن ملتوي ڪرائڻ تي راضي آهن،  عدالت ۾ سليڪٽ ڪاميٽي جا منٽس به جمع ڪرايا ويا آهن، سپريم ڪورٽ به مڪاني ادارن کي بااختيار ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي، هن وڌيڪ چيو ته موجوده مڪاني قانون مڪاني ادارن کي بااختيار ڪرڻ جي خلاف آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس محمد جنيد غفار چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي به ٻڌي ٿا وٺون، اليڪشن ڪميشن کي ته نوٽيس ئي نه ٿيا آهن، مڪاني چونڊن  ۾ اليڪشن ڪميشن جو اهم ڪردار آهي، مڪاني چونڊن جي   پهرين مرحلي جو  طريقيڪار ته تمام گھڻو اڳتي وڃي چڪو آهي،  جنهن تي فروغ نسيم چيو ته تڪبندين واري مامري کي به ڏٺو وڃي، تڪبندين واري ڪاميٽي به اختيار اورانگھيا آهن. ٻڌڻي دوران عدالت ايم ڪيو ايم جي وڪيل کان پڇيو ته مڪاني چونڊون  جون تياريون ته اپريل کان هلن پيون، اوهان مڪاني چونڊون ملتوي  ڪرائڻ  وارو فيصلو دير سان ڇو ڪيو؟ سليڪٽ ڪاميٽي  جا منٽس به دير سان ڇو آيا؟ عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت کي خميس 23 جون تائين  جواب داخل ڪرڻ لاءِ  نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا