ڪراچي: سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جون تياريون هلندڙ، صوبي ۾ پهرين مرحلي اندر ٿيندڙ چونڊن ۾21298  اميدوار ميدان ۾ لٿل، صوبائي اليڪشن ڪمشنر پاران مڪاني چونڊن جي تياري جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ چيو ته پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي 4 ڊويزنن سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص جي 14 ضلعن ۾ 26 جون تي مڪاني اليڪشن رٿيل آهي، هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ 21298 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، جن لاءِ 25 ملين کان وڌيڪ بيلٽ پيپر ڇپرايا ويا آهن،  اجلاس ۾  چيف سيڪريٽري پاران صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي يقين ڏياريو ويو ته چونڊن دوران سنڌ حڪومت کين سيڪيورٽي سميت ٻيون سموريون سهوليتون فراهم ڪندي.