اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم جو حڪومت ۾ اچڻ جو واحد مقصد پاڻ کي اين آر او ڏيارڻ آهي، نئين نيب قانون تحت جاچ هيٺ 1100 ارب  رپين وارا ڪيس هاڻ نيب جي دائري اختيار کان ٻاهر هوندا، ترميم سان ڏوهارين کي اين آر او ٽو ڏنو ويندو، تاريخ هنن سڀني کي نه وساريندي ۽ نه وري معاف ڪندي، عمران خان چيو ته تاريخ ڪڏهن انهن کي معاف نه ڪندي جيڪي سازش جو حصو ۽ ڪامياب ڪرڻ            ۾ اڳتي هئا، هڪ طرف ملڪ نه سنڀالجي رهيو آهي ۽ ٻئي پاسي چوري معاف ڪرائڻ جون ڪوششون ٻيهر ڪيون پيون وڃن، ڏوهارين جي ٽولي جي ان شرمناڪ ڪوشش جي هر سطح تي مزاحمت ڪنداسين. هن چيو ته اڄ تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، امپورٽڊ حڪومت احتساب کي دفن ڪري ڇڏيو.