چڪ: ايس ايس شڪارپور ڪامران نواز پنجوٿا جو چوڻ آهي ته اغوا جي وارداتن ملوث ڏوهارين خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو، سندس چوڻ هو ته شڪارپور ضلعي ۾ اوچتو امن امان جي خراب ٿيل صورتحال ۾ ضلعي جي ڪجهه بااثر ماڻهن جي سازش آهي، جيڪي پوليس جي ساک کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته مغوين جي بازيابي کي هر صورت يقيني بڻائبو.