چڪ: چڪ لڳ سوڀي ڳوٺ واسي نوجوان راشد علي عرف سراج مهر ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن جو ڳولا باوجود ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، ان ڏس ۾ وارثن نوجوان جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، هوڏانهن اعتماد جوڳن ذريعن وٽان مليل معلومات موجب نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي پني عاقل واري علائقي مان اغوا ٿيو آهي.