چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر) چڪ لڳ دوا وٺڻ لاءِ ويندڙ 2 نوجوان اغوا، هڪ ڏوهاري مغوين جي موٽر سائيڪل پوليس کي ڏسي ڦٽو ڪري فرار، پوليس پاران پيرا هڻي 15 ڄڻا گرفتار، 100 ڍور ڍڪ حوالي. خبر موجب ڳوٺ ڪامل مهر واسي 2 نوجوان حبيب الله مهر ۽ بسم الله مهر گذريل رات دير سان جهان خان سول اسپتال مان دوا وٺڻ لاءِ اچي رهيا هئا ته پراسرار نموني گم ٿي ويا ۽ سندن موبائل فون بند ملي رهيا هئا، ان ڏس ۾ وارثن سندن ڳولا شروع ڪئي ۽ چڪ پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس ۽ وارث مختلف جڳهن ۽ چوڪن تي جاچ ڪري رهيا هئا ته نوجوانن جي موٽرسائيڪل هڪ مشڪوڪ ڏوهاري ڪاهي وڃي رهيو هو، جيڪو پوليس کي ڏسي ڀرڪڻ اسٽاپ وٽ موٽرسائيڪل ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو. ڀرڪڻ ڀرسان موٽرسائيڪل هٿ اچڻ تي ٻنهي نوجوانن جي اغوا جي تصديق ٿي، جنهن بعد پوليس سرڪاري پيري ۽ کوجي ڪتي ذريعي موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿيندڙ ڏوهاري جو پيرو کنيو، جيڪو دائم ملڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ اڪبر ڀرڙ ۾ ھنيو ويو، جتان پوليس ٻن ڳوٺن اڪبر ڀرڙ ۽ ٻاجهي خان ڀرڙ مان 15 کان مٿي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ٿيلن ۾ اڪبر علي، شوڪت، ڌڻي بخش، سيف الدين، قاثب ۽ ٻيا شامل آھن، جڏهن ته پوليس 100 جي لڳ ڀڳ ڍور ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا.