حيدرآباد: پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته  ڀٽائي نگر ٿاڻي تي مقرر اڳوڻي ايس ايڇ او ضياد علي نوناري امداد علي پٺاڻ کي گرفتار ڪرڻ بعد مک جوابدار شاهه سوار پٺاڻ جو ڀاءُ افضل خان پٺاڻ قرار ڏئي سندس گرفتاري ظاهر ڪئي هئي، جيڪو 14 ڏينهن کان پوليس جي تحويل ۾ آهي. ذريعن اهو به انڪشاف ڪيو ته شروعاتي ڏينهن ۾ پوليس تي تمام گهڻو دٻاءُ هو ڇاڪاڻ ته پوليس رڳو واقعي واري هنڌان مک جوابدار هوٽل مالڪ شاهه سوار پٺاڻ کي گرفتار ڪري سگهي هئي، ان لاءِ پريشر گهٽ ڪرڻ ۽ مبينا طور رشوت وٺي ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ واري شرط تي پٺاڻ ڌر پاران چوڪيدار امداد علي کي پوليس حوالي ڪيو ويو، جنهن کي پوليس مک جوابدار جو ڀاءُ افضل پٺاڻ قرار ڏنو هو.