ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته ڪڻڪ ۽ ڪمند پيدا ڪندڙ ملڪ ڪڻڪ ۽ کنڊ پرڏيهه مان گهرائين ته پوءِ اهو ملڪ ڪيئن هلندو؟ وزير اعظم صاحب! هوش ۾ اچو ، ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ هر مهيني 11.1 ۽ هر سال 14.1 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي، الميو اهو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي جو ڪوبه امڪان ناهي، جاري ڪيل بيان ۾ ھن چيو ته عمران حڪومت جو هر گذرندڙ ڏينهن مهانگائي جو طوفان آڻي رهيو آهي، عوام رمضان جي مهيني ۾ به مهانگائي سبب پريشان آهي، افطاري جا مختصر ٿيندڙ دسترخوان عمران خان جي نااهلي جا قصا ٻڌائين ٿا، عمران خان پٽاٽن ۽ ٽماٽن جي اگهن کي سنڀالي نٿو سگهي ته ملڪ ڪيئن هلائيندو؟ هوڏانهن پ پ چيئرمين اين اي 249 تي ٻيهر ڳڻپ بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي هڪ ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته ڪنهن خاص پولنگ اسٽيشن جي شڪايت بنا پوري تڪ جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري هڪ نئين روايت جي آجيان ڪريون ٿا، 2018ع وارين عام چونڊن ۾ به ڪافي اهڙا تڪ هئا، جتي ڪامياب اميدوار جي ڪاميابي 5 سيڪڙو کان به گهٽ ووٽن تي هئي، اتي ٻيهر ڳڻپ جو موقعو نه ڏنو ويو، ٻيهر ڳڻپ واري حڪم کانپوءِ پ پ اهڙن سمورن تڪن تي ٻيهر ڳڻپ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ وڃڻ تي غور ڪندي.