لاهور (م ڊ) نواز ليگ صدر شهباز شريف ڪراچي جي قومي اسيمبلي تڪ اين اي 249 ۾ ٻيهر ڳڻپ جي درخواست منظور ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته اين اي 249 ۾ ٻيهر ڳڻپ جي درخواست جي منظوري جو ٻڌي خوشي ٿي آهي، ووٽن جي انتهائي گهٽ فرق سبب شفافيت خاطر اهو فيصلو ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته يقينن ووٽ جي ساک ئي جمهوريت جو بنياد آهي. ٻئي طرف نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پنهنجا چوري ٿيل ووٽ واپس ٿيڻ تائين سڪون سان نه ويهنداسين، هن چيو ته ڌانڌلي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ پڪڙي وڃي يا ان کانپوءِ پر پڪڙجي ته ويندي، ڇاڪا ڌانڌلي ته ڌانڌلي ٿيندي آهي، اها گهڻو وقت لڪي ناهي سگهندي. هن اليڪشن ڪميشن کي رد ٿيل ووٽن جو به تفصيلي جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو.