اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون 120 ڏينهن ۾ ڪرائڻ جي هاءِ ڪورٽ کي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق گهرو سيڪريٽري کي چيو ته ڇا توهان اها خاطري ڪرائيندا ته اليڪشن کان اڳ وڌيڪ يوسيز نه وڌائيندا؟ جيڪڏهن خاطري نه ڪرائيندا ته عدالت وڌيڪ يوسيز نه ٺاهڻ جو حڪم ڏيندي، هڪ دفعو اليڪشن ڪرايو، جنهن کي اچڻو آهي، اچي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز اسلام آباد جي مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڊي جي قانون اليڪشن ڪميشن پاران اسلام آباد جي مڪاني چونڊن بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي، وڪيل اليڪشن ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ مڪاني اليڪشن 120 ڏينهن ۾ ڪرائينداسين، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسلام آباد جي مڪاني چونڊن تي ڪيترو خرچ ايندو؟ جنهن تي ڊي جي قانون اليڪشن ڪميشن چيو ته اسلام آباد جي مڪاني اليڪشن بابت تقريبن 15 کان 20 ڪروڙ رپيا خرچ ايندو. چيف جسٽس چيو ته 15، 20 ڪروڙ ته ڪجهه به ناهن پوءِ ته چونڊون ڪرايون وڃن، جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪائونسلز جو تعداد وڌائڻو هجي ته شيڊول کان اڳ وڌائڻو پوندو، عدالت تڪبندين بابت درخواستن تي اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي يونين ڪائونسلز جو تعداد وڌائڻ کان روڪيندي انٽرا ڪورٽ اپيل اُڪلائي ڇڏي.