ڪراچي:  ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار  آدمشماري تي خدشن جو اظھار ڪندي ڊي سي اوڀر تي الزام ھنيو آھي ته ڊي سي آفيس مان ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن ته پنجن سالن کان گھٽ ڄمار وارن ٻارن کي ڳڻپ ۾ شمار نه ڪيو وڃي،اسان   اھڙي روش قبول نه ڪنداسين،  ڪراچي جي آبادي 4 ڪروڙ کان وڌيڪ آھي،  انھي کي 4 ڪروڙ ڪري ڳڻيو وڃي، ڪراچي جا 16 ھزار بلاڪ وڌائي 25 ھزار ڪيا وڃن،  ڪالهه   ايم ڪيو ايم مرڪز تي پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي آدمشماري ٿي رھي آھي. ڪراچي سان مخلصي جي دعويدار سياسي پارٽين کي اڳتي اچڻ گھرجي ھا پر انھن ڪو ڪردار ادا ناھي ڪيو، پ پ ته  آدمشماري کان لاتعلق بڻجي وئي آھي،  ميئر جي سياست ۾ مصروف پارٽين کي عوام سان ڪا دلچسپي ناھي، هن چيو ته  سسٽم جي خرابي ڪري ڳڻپ جو عمل 2 ڏينهن دير سان شروع ٿيو آهي، انھي ڪري مدي ۾ 10 ڏينهن واڌ ڪئي وڃي، هن  چتاءَ ڏنو ته جيڪڏهن ڪراچي جي آبادي کي  سوا چار ڪروڙ کان گھٽ ڳڻيو ويو ته آدمشماري قبول نه ڪنداسين