الله کي جواب ڏيڻو آهي، پئسا هڪڙن کان ٿا وٺو پلاٽ وري ٻين کي ٿا ڏيو: عدالت

0
339

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نوري آباد سائيٽ ۾ زمينن تي قبضي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته الله کي جواب ڏيڻو آهي، پئسا هڪڙن کان ٿا وٺو پلاٽ وري ٻين کي ٿا ڏيو

ٻڌڻي دوران جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ چيو ته انڊسٽيريل ايرياز ۾ زمينن  تي ڪهڙو ڌنڌو ٿي رهيو آهي؟ پيسا  هڪ کان ٿا وٺو ۽ قبضو  وري ٻين کي ٿا ڏئي ڇڏيو

عدالت جو چوڻ هو ته الله کي جواب ڏيڻو آهي، جنهن  جو پلاٽ آهي ان کي ڇو نٿا  ڏيو، سرڪاري ايراضي تي قبضا  ڪري هوٽلون قائم ڪيون ويون

جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ جو چوڻ هو ته ذميوار پوليس آفيسر بيان ڏيڻ بعد  گهر وڃي سمهي پون ٿا، هاڻي انهن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي

هي به پڙهندا

قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس: بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم هائوس پهچي ويو