راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته افغانستان ۾ ڀارتي سيڙپڪاري ٻڏندي نظر پئي اچي، آمريڪا واپسي ۾ تڪڙ ڪئي، هاڻ مستقبل جو فيصلو افغانين کي ڪرڻو آهي، اسان افغان امن ۾ سهولتڪار آهيون، ضامن ناهيون. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا افغانستان مان ذميواراڻي انداز ۾ واپس وڃي، پر آمريڪا واپسي ۾ تڪڙ ڪئي، آمريڪا ته افغانستان مان نڪري ويو آهي، هاڻ خطي جي اسٽيڪ هولڊرن کي افغانستان جي ڌرين کي ئي ويهي مسئلو جو حل ڪڍڻو آهي. پاڪستان بار بار چيو ته افغانستان ۾ اسانجو ڪوبه فيورٽ ناهي، افغانستان جَي مستقبل جو فيصلو افغانين کي ڪرڻو آهي، بندوق جي زور تي فيصلو ٿيڻو هُجي ها ته 20 سال اڳ ٿي وڃي ها، افغان مسئلي تي فيصلو ويهي ڳالهين ذريعي ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان خلوص سان افغان امن عمل کي اڳتي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي پر اها ڳالهه واضح ٿيڻ گهرجي ته اسان افغان امن عمل ۾ سهولتڪار آهيون، ضامن نه آهيون، اتي ڪهڙي حڪومت ٺهڻي آهي ۽ ڪيئن اڳتي کڻي هلڻو آهي، اهو افغان عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي، افغانستان جيڪڏهن ڪنهن ڊيڊ لاڪ تي آهي ته اسان اڄ به حل جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر اسانجي به هڪ حد آهي، هڪ حد تائين وڃي سگهون ٿا. پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته افغانين ۾ صلاحيت آهي ته ويهي فيصلو ڪري اڳتي وڌي سگهن ٿا، جيڪو به ٿيندو افغانستان جي اندورني صورتحال فيصلو ڪندي، ٻي صورت ۾ صورتحال گهرو ويڙهه ۾ بدلجي ويندي، گهرو ويڙهه سان پورو خطو متاثر ٿيندو، ڪنهن جو به ڀلو نه ٿيندو، افغانستان ۾ سمورا ڌڙا 40 سالن جي تشدد کان تنگ اچي ويا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پناهگيرن جي حوالي سان سمورا خدشا موجود آهن، پاڪ، افغان سرحد جي سيڪيورتي پهرين ئي وڌائي ڇڏي هئي، پاڪ افغان بارڊر تي 90 سيڪڙو تار لڳائي وئي آهي، سرحد تي سيڪيورٽي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ ايف سي ونگز جوڙيون آهن. ترجمان پاڪ فوج چيو ته سڀني کي خبر آهي ته داعش ۽ ٽي ٽي پي افغانستان ۾ آهن، جيڪي جيڪي وقتن به وقتن مفادن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جيڪڏهن افغان ۾ تشدد وڌيو ته سرحد پار کان پناهگيرن جي اچڻ جو امڪان آهي، پناهگيرن جي امڪاني آمد جي حوالي سان ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پناهگيرن جي مسئلي تي گهرو وزارت پلاننگ ڪئي آهي، انٽرنيشنل اسٽيڪ هولڊرز کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪيئن هلڻو آهي؟ هن چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين ڪنهن خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏيندو، ڪنهن غير لاڳاپيل کي هتي نه اچڻ ڏينداسين، اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته آمريڪا کي اڏا ڏيڻ جي نه ڪا ضرورت آهي نه سوال پيدا ٿئي ٿو. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته ڀارت افغانستان ۾ نيڪ نيتي سان سيڙپڪاري ڪئي هجي ها ته اڄ مايوس نه هجي ها پر ڀارت جو سڄو رُخ هو ته افغانستان ۾ قدم ڄمائي پاڪستان کي نقصان پهچائي سگهي، پر اڄ افغان ۾ ڀارتي سيڙپڪاري ٻڏي نظر اچي رهي آهي. فوجي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارت دنيا کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته افعانستان ۾ مسئلن جو ڪارڻ پاڪستان آهي پر ان ۾ ڪابه سچائي نه آهي، دنيا کي پتو پئجي چڪو آهي ته پاڪستان افغان مسئلو بهتر نموني حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته آمريڪا افغان فوج جي تربيت تي وڏو خرچ ڪيو آهي، افغان فوج ڪٿي مزاحمت ڪئي يا ڪندي اهو ڏسڻو پوندو پر هن وقت افغان فوج جي اڳڀرائي خاص ناهي، هيل تائين جي خبرن موجب طالبان جي پروگريس وڌيڪ آهي.