بولڊ سين ڪندي ڏکيائي پيش ايندي آھي

0
276

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا صبور علي انڪشاف ڪيو آھي تھ بولڊ سين جي عڪسبندي جي دوران ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، ماڻھن کي صورتحال سمجھائڻ جي لاءِ ايئن ڪرڻ بھ ضروري ھوندو آھي، اداڪارا ھڪ انٽرويو ۾ شريڪ ٿي، ان کان مختلف سوال ڪيا ويا، اداڪارا کان ميزبان بولڊ سين جي حوالي سان پڇيو، ھن چيو تھ اھڙا سين ڪرڻ ۾ تمام گھڻي ڏکيائي پيش ايندي آھي تھ خبر ناھي تھ ڪئمرا ۾ ڪيئن سين نظر ايندو ھوندو، اسان پاڻ ۾ ھڪٻئي کان پڇندا ھئاسين تھ ڪٿي ڪجھ وڌيڪ تھ نھ ٿي ويو آھي، صبور علي چيو تھ صورتحال ايئن ھوندي ھئي جو سمجھ ۾ نھ ايندو ھو سين کي ڪھڙي طرح سان پيش ڪيو وڃي جيڪو ڏسندڙن کي سمجھ ۾ اچي وڃي، اسان جي ڪوشش ھوندي آھي تھ ڪجھ بھ حد کان وڌيڪ نھ ھجي.