ڪورونا جو خطرو،احتياط جي ضرورت

0
245
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪورونا ٻن سالن کان وقفي وقفي سان تباهي ڦهلائي رهيو آهي ۽ انهي تباهي جي سلسلي جي ختم ٿيڻ جو اڃان تائين ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي، رهندو اهو وائرس وڌيڪ خوفائتي انداز ۾ شڪل تبديل ڪري تباهيون ڦهلائي رهيو آهي. ڪجهه وقت جي ٺاپر کانپوءِ وري سڄي دنيا ۾ اهو ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ۽ دنيا ۾ وري سخت قسم جا قدم کنيا پيا وڃن.وفاقي حڪومت ۽ اين سي او سي به ڪجهه ڏينهن اڳ اهو خطرو ظاهر ڪيو هو ته پاڪستان ۾ به جولاءِ ۾ انهي جي چوٿين لهر اچي سگهي ٿي. ڪجهه ڏينهن کان وري سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جو تعداد وڌي رهيو آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها چوٿين لهر اچي چڪي آهي ۽ اسان کي به اڳ کان وڌيڪ احتياطي تدبيرن ۽ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي جيئن باقي دنيا انهي ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ کڻي رهي آهي.
هن وقت سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جو جيڪو قسم تباهي ڦهلائي رهيو آهي ان کي ڊيلٽا چيو وڃي ٿو جنهن تباهي جي شروعات انڊيا کان ڪئي، ڊيلٽا جي شڪل ۾ پکڙيل ان ڪورونا وائرس جي قسم جي پکڙجڻ جي رفتار اڳين قسمن کان وڌيڪ تيز ۽ موتمار آهي جنهن ڪري ڪجهه وقت اڳ تائين اسان انڊيا جي صورتحال ڏٺي ته مريض روڊن رستن گاڏين ۽ فوٽ پاٿن تي ساهه ڏئي رهيا هئا يا تڙپي رهيا هئا، اسپتالن ۾ بيڊ ڀرجي چڪا هئا ته ملڪ ۾ آڪسيجن جي کوٽ پيدا ٿي وئي هئي. اها صورتحال انهي ڊيلٽا جي ڪري هئي جيڪو اڄڪلهه دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ڦهلجي رهيو آهي ۽ پاڪستان کي به ان ئي ڪورونا وائرس جي قسم مان خطرو آهي .جڏهن سڌريل دنيائي انهي وائرس جي ڪري هڪ دفعو ٻيهر پريشان ٿي وئي آهي جن جي آمدني جاذريعا به وڌيڪ آهن ته صحت جون سهولتون به اسان جهڙن پٺتي پيل ملڪن کان وڌيڪ آهن تڏهن اسان جهڙن معاشرن ۽ ملڪن کي اڃان به وڌيڪ احتياطي اپائن جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اهو وائرس انهي انداز ۾ هتي پکڙيو ته نه اسان جي معاشي حالت اهڙي آهي جو ڊگهي لاڪڊائون طرف وڃي سگهجي نه ئي وري ملڪي صحت جي نظام ۾ ايڏي سگهه آهي جو ان بيماري کي سنڀالي سگهي. وفاقي توڙي سنڌ حڪمت انهي صورتحال کي ڏسي وري نئين قسم جون هدايتون جاري ڪيون آهن پر اسان وٽ وڏي ۾ وڏي مصيبت ئي اها آهي ته ڪير انهن هدايتن تي پاڻمرادو پنهنجو فرص سمجهي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هتي ته ماڻهو رڳو ماسڪ پائڻ ئي گوارا نه ٿا ڪن ته باقي فاصلي رکڻ کان وٺي ويڪسينيشن ڪرائڻ تائين ماڻهن کي ڪيئن راضي ڪري سگهبو اهو ڪو سمجهڻ ايڏو ڏکيو ناهي. هن وقت به صورتحال اها آهي ته ڪورونا جا ڪيس ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن پر مارڪيٽن ۾، هوٽلن تي، پبلڪ جاين تي اها ئي رش ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي نه فاصلي جو خيال ڪيو وڃي ٿو نه ئي ماڻهن جي اڪثريت کي ماسڪ پاتل هوندو آهي، سون ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو هوندو جيڪو ماسڪ پائڻ کي پنهنجي ذميواري سمجهندو هوندو نه ته اڃان تائين اسان جي عوام جي اڪثريت انهي وائرس کي ڍونگ ۽ ڊرامو سمجهي رهي آهي .
اسان سمجهون ٿا ته ڪورونا جو هي نئون قسم وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪ ۾ انهي وائرس جي ڪيل تباهين کي ڏسي چڪا آهيون ۽ هن وقت به آسٽريليا کان وٺي آفريقا تائين ڪورونا جو اهو قسم تباهيون ڦهلائي رهيو آهي تنهن ڪري نه رڳو حڪومت پر عوام کي پنهنجي ذميواري محسوس ڪندي سرڪار طرفان جاري ڪيل هدايتن تي عمل ڪرڻ گهرجي جيئن ملڪي معيشت ۽ ملڪي عوام انهي وائرس جي ناڪاري اثرن کان محفوظ رهي سگهي.