ڪابل (م ڊ) افغان اختيارين سان معاهدو ختم، طالبان جو جيل تي حملو، 400 مان اڍائي سئو کان وڌيڪ ضلعن تي مڪمل ڪنٽرول سنڀالڻ جِي دعويٰ ڪري ڇڏي، پرڏيهي خابرو اداري موجب طالبان جو چوڻ آهي ته افغانستان جي 85 سيڪڙو حصي 400 مان 250 ضلعن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، طالبان خلاف پروپيگنڊا تي سرڪاري اختيارين سان معاهدو به ختم ڪيو ويو آهي. افغان اڳواڻ آمريڪي صدر جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته چاهيون ته طالبان ته 2 هفتن ۾ پوري افغانستان تي ڪنٽرول ڪري سگهون ٿا. رپورٽ مطابق افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته نيٽو فوج جي نيڪالي بعد مضبوط ٿيندڙ طالبان صوبي هيرات جي اهم ضلعي تي قبضو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ افغان گهرو وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته طالبان کان علائقن جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، ميڊيا رپورٽ موجب افغان طالبان قنڌار شهر جي ڏاکڻي علائقي ۾ قائم هڪ جيل تي به حملو ڪيو، جتي طالبان جيل تي قبضي جي ڪوشش ڪئي پر فورسز ساڻن مزاحمت ڪئي. هرات جي گورنر موجب اسلام قلعه تي ٻيهر قبضو حاصل ڪرڻ لاءِ جٿا موڪليا آهن، افغان اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته بدخشان صوبي جي ضلعي يافتل پائين تان طالبان جو قبضو ڇڏائي ورتو آهي، سيڪيورٽي ۽ دفاعي دستن گڏيل ڪارروائي دوران زيرين يافتل کي دهشتگردن کان پاڪ ڪيو. جڏهن ته چين پنهنجي شهرين کي جلد افغانستان ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن آمريڪي دفاعي وزير لوائڊ آسٽن چيو آهي ته افغان تڪرار جي حل لاءِ عالمي برادري ڌرين تي دٻاءُ وجهي، افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ٺاهه لاءِ عالمي برادري جو دٻاءُ اڻٽر آهي، عالمي دٻاءُ وڌڻ گهرجي جيئن افغان عوام کي اها حڪومت ڏئي سگهجي جنهن جو هو حقدار آهي ۽ جيڪا حڪومت چاهي ٿو. واضح رهي ته آمريڪي صدر بائيڊن افغانستان مان 11 سيپٽمبر تائين فوج جي واپسي مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، جڏهن ته طالبان پاران به افغان سرزمين ڪنهن ٽئين ملڪ لاءِ استعمال نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي.