ڪراچي (اسسٽاف رپورٽر)ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ڪراچي جي ترقي سان ئي لاڳاپيل آهي، ڪراچي واسين جي حالت زار کي وڌيڪ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڪالهه ڪراچي ۾ گورنر هائوس ۾ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ۽ ڪورونا جي نئين لهر دوران وڌندڙ ڪورونا ڪيسن بابت ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي صدر پاڪستان پاران خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سميت وفاقي وزير اسد عمر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، هن چيو ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هتي پاڻي جي بچت ۽ احتياط سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، افسوس ماضي ۾ پاڻي جي بچت لاءِ ڪو به منصوبو نه جوڙيو ويو، جڏهن ته گورنر سنڌ ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر جون واضح علامتون ظاهر ٿي رهيون آهن، ملڪ ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ ۽ ڀارت ۾ پکڙيل وائرس جهڙي وائرس واري قسم پکڙجڻ ڪري ڪورونا مريضن جو تعداد وڌي رهيو آهي، صدر پاڪستان چيو ته عوام ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائي ۽ اين سي او سي جي هدايتن تي عمل ڪري، اڳ ۾ بهتر فيصلن سبب پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سنگين صورتحال کان محفوظ رهيو.