ڪابل (م ڊ) افغانستان جي تخت گاهه ڪابل تي قبضي کانپوءِ طالبان عورتن لاءِ حجاب لازمي قرار ڏنو آهي، جنهن ڪري حجاب جي وڪري ۾ واڌ ٿي وئي آهي. برقعن ۽ پٽڪن جي وڪري ۾ پڻ تيزي اچي وئي، خريداري وڌڻ ڪري دڪاندارن قيمتون وڌائي ڇڏيون آهن، حجاب هڪ هزار افغاني رپين ۾ وڪرو ٿيندو هو پر هاڻ ان جي قيمت 1200 افغاني رپيا ٿي وئي آهي. برقعو پهريان 1500 رپيا وڪرو ٿيندو هو جيڪو هاڻي 2500 رپيا وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته پٽڪي جي وڪري ۾ به واڌ ٿي وئي آهي.