ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ وفاقي آفيسرن جو انگ وڌائڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي وفاقي سرڪار پاران سنڌ ۾ آفيسرن جو تعداد وڌائڻ بابت جاري ڪيل 12 مارچ 2021ع وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل سرمد هاني عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت 12 مارچ 2021ع تي نوٽيفڪيشن ذريعي سنڌ ۾ وفاقي آفيسرن جو تعداد 97 مان وڌائي 326 ڪري ڇڏيو آهي، وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته سول سروس پاڪستان رولز 1954 آئين جي ڪيترن ئي آرٽيڪلز خلاف آهي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي آهي. جنهن بعد عدالت ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.