پشاور (م ڊ) پشاور ۾ افغان طالبان جي حمايت ۾ سائن بورڊ لڳائڻ تي جماعت اسلامي جي اڳواڻ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، فقيرآباد ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ملڪي سلامتي بابت قلم شامل ڪيا ويا، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت اچڻ تي جماعت اسلامي جي اڳواڻ رحيم الله ۽ ڪارڪنن طالبان جي حمايت ۾ سائن بورڊ لڳايو.سائن بورڊ تي طالبان اڳواڻن سان گڏ سراج الحق ۽ جماعت اسلامي ڪي پي جي امير جي تصوير به لڳل آهي.