ڪابل (م ڊ) افغانستان جي اڳوڻي آرمي چيف ولي محمد احمد زئي جي ملڪ مان فرار ٿيڻ لاءِ ڪابل ايئرپورٽ تي لائن ۾ بيٺل هجڻ واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، طالبان جي ڪابل تي قبضي بعد حامد ڪرزئي ايئرپورٽ تي ملڪ مان فرار ٿيندڙن جو هجوم جمع آهي ۽ افراتفري متل آهي. اهڙي صورتحال ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير وائرل ٿي آهي جنهن ۾ برطرف افغان آرمي چيف ڪابل ايئرپورٽ تي ملڪ مان فرار ٿيڻ لاءِ پنهنجي واري جو انتظار ڪندي نظر اچي رهيو آهي، کيس سادا ڪپڙا پهريل آهن ۽ ڳلي ۾ رومال آهي، تصوير جي آزاد ذريعن کان تصديق ناهي ٿي سگهي.