افغانستان لاءِ آمريڪا جي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

0
177
افغانستان لاءِ آمريڪا جي

ڪراچي(م ڊ) افغانستان لاءِ آمريڪا جي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

زلمي خليل زاد جي استعيفيٰ ڏيڻ بعد آمريڪي پرڏيهي وزير افغانستان لاءِ نئين خاص نمائيندي جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو.

اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي موجب افغانستان لاءِ نئون آمريڪي خاص نمائيندو ٿامس ويسٽ هوندو، جيڪوهن کان اڳ هو ڊپٽي نمائيندي طور ڪم ڪري چڪو آهي.

ٿامس ويسٽ اڳوڻي صدر اوباما جي صدارتي دور ۾ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو حصو رهيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير زلمي خليل زاد جا ٿورا مڃيا ۽ ٿامس ويسٽ کي ڀليڪار ڪيو.

انٽوني بلنڪن هڪ پيغام ۾ چيو ته آمريڪا جي لاءِ ڪيترن ئي سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيڻ تي زلمي خليل زاد جا شڪر گذار آهيون.