اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مخالف ڌر پاران مهانگائي خلاف قومي اسيمبلي اندر ۽ ٻاهر احتجاج، ڌرڻو، چور چور، گو نيازي گو جا نعرا، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي جي سونامي هن حڪومت کي لوڙهي ڇڏيندي، اسان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مهانگائي خلاف عوام جو آواز بڻجنداسين، مهانگائي خلاف اسان سنڌرو ٻڌي ورتوآهي، تفصيل موجب ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو، مخالف ڌر جي ميمبرن پيٽرول، بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف احتجاجن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شرڪت ڪئي، پلي ڪارڊ کڻي پنهنجي سيٽن تي رکي ڇڏيا، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ڳالهائڻ جو موقعو گهريو ته اسپيڪر کيس تقرير ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن تي اعتراض واريندي پي ٽي آءِ جي چيف وهپ عامر ڏوگر چيو ته پهريان سوالن جوابن جي ڪارروائي هلائي وڃي، جنهن تي اسپيڪر عامر ڏوگر جو اعتراض رد ڪندي چيو ته مون فلور اپوزيشن ليڊر کي ڏئي ڇڏيو آهي، ان کي ٻڌو وڃي، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف تقرير ڪندي چيو ته اسان ڏينهن رات رياست مدينه جو ذڪر ٻڌون ٿا، پر رياست مدينه ۾ هن حڪومت وانگر عوام جي چيلهه چٻي ڪندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري نه هئي، حڪومت ملڪ ۾ بار بڻجي چڪي آهي، مون بجيٽ وقت ئي چيو هو ته ڪيتريون ئي مني بجيٽون اينديون، ٽيڪس فري بجيٽ جون حڪومتي دعوائون ڪوڙ تي ٻڌل آهن، هن چيو ته رياست مدينه ۾ ڪوئي بکيو نه سمهندو هو، ڪنهن يتيم ۽ بيواهه جي حق تلفي نه ٿيندي هئي، هن چيو ته ٻچو ٻچو چئي رهيو آهي ته 74 سالن ۾ هن حڪومت جهڙي بدترين حڪومت نه آئي آهي، حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، 12 ربيع الاول کان 3 ڏينهن اڳ عوام کي مهانگائي ۾ ٻوڙيو ويو آهي، بجلي جي اگهن ۾ ڏيڍ رپيو، پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ جي اگهن ۾ 10 کان 12 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي، بجلي جا بل عوام تي بجلي بڻجي ڪري رهيا آهن، گيهه جي ڪلو تي 49 رپيا، کاڄرو تيل جي ليٽر تي 110 رپيا اضافوٿيو آهي، ان کان وڌيڪ ظلم جي ڳالهه ڇا ٿي سگهي ٿي، ماڻهو فاقه ڪشي تي مجبور آهن، 20 هزار پگهار کڻندڙ کي اگر 10 هزار بجلي جو بل موڪليو وڃي ته اهو گذارو ڪيئن ڪندو؟، 74 سالن ۾ اهڙي بدترين صورتحال نه ڏٺي آهي، لکين ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن، آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ حڪومت ننهن چوٽيءَ جا زور لڳايا پر پوءِ به آءِ ايم ايف راضي نه ٿيو، آءِ ايم ايف 22 ڪروڙ عوام کي شڪنجي ۾ آڻڻ گهري ٿو، سڄي ملڪ ۾ تباهي ڦهلجي وئي آهي ان جو انجام ڇا ٿيندو الله ئي ڄاڻي ٿو، پر هي حڪومت ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي آڻي چڪي آهي، جنهن تي حڪومتي ميمبرن چيو ته توهان جي ڀاءُ ملڪ کي ان سطح تي آندو آهي، شهباز شريف تقرير جاري رکندي چيو ته ٻارن جي وات مان کير کسيو ويو آهي، عمران نيازي ڪنٽينر تي بيهي چوندو هو ته جڏهن بجلي، گيس جي قيمتن ۾ اضافو ٿئي ته وزيراعظم چور آهي، ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جو قدر گهٽجي ته وزيراعظم چور آهي، مخالف ڌر جا ميمبر چور چور چور چور جا نعرا هڻندا رهيا، شهباز شريف اسپيڪر سان مخاطب ٿيندي چيو ته جڏهن دوائن جي قيمتن ۾ 500 سيڪڙو اضافو ٿئي، ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ٿئي ان حڪومت لاءِ توهان ڇا چوندئو؟ اڄ ڊالر جي قدر ۾ 2 رپيا اضافو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ ڊالر 175 رپين تي پهتو آهي،هن حڪومت غريب، يتيم، بيواهن کان مفت دوا جي سهولت کسي کين موت جي منهن ۾ اڇلايو آهي، مهانگائي خودڪشي جو سبب بڻجي رهي آهي، شهباز شريف جي تقرير دوران حڪومتي ميمبرن گوڙ ڪيو، شهباز شريف چيو ته چيو ته کنڊ، ڪڻڪ جي اسڪينڊل ۾ غريب ماڻهن جا اربين رپيا لٽيا ويا، هن حڪومت 15 هزار ارب رپين جا قرض ورتا، پر هڪ نئين سر به لڳل نظر نه ٿي اچي، تباهي، بربادي کان پوءِ غريب ماڻهن تي مهانگائي جا ڊرون حملا جاري آهن، پر صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته معيشت درست رخ ۾ وڃي رهيو آهي، ڇا صدر کي حالتون نظر نه ٿيو اچن، نواز شريف جي دور ۾ ايل اين جي 10 ڊالرن ۾ ملندي هئي اڄ 56 ڊالرن ۾ ملي رهي آهي، ملڪ ۾ سفيد پوش طبقو به خيرات گهرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، اسان مهانگائي خلاف سندرو ٻڌي ڇڏيو آهي، هن حڪومت کي غريبن سان ڪيل ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو، مهانگائي جي سونامي هن حڪومت کي لوڙهي ڇڏيندي، اسان جيستائين ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ عوام جو آواز نه بڻجنداسين تيستائين سڪون سان نه ويهنداسين، جنهن کان پوءِ وفاقي وزير مراد سعيد تقرير شروع ڪئي ته مخالف ڌر جي ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي گوڙ ۽ احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، ان دوران ن ليگ جي خرم دستگير ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڪوروم پورو نه هجڻ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس اربع ڏينهن شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اجلاس کان پوءِ مهانگائي خلاف مخالف ڌر جا ميمبر احسن اقبال، خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، رانا ثناءُ الله، محمود بشير ورڪ جي اڳواڻي ۾ ريلي جي صورت ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران مهانگائي خلاف احتجاج لاءِ پهتا جتي چونڊيل ميمبرن مهانگائي خلاف ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن“کنڊ مهانگي هاءِ هاءِ، پيٽرول مهانگو هاءِ هاءِ، بجلي مهانگي هاءِ هاءِ” جي نعرن سان گڏ “مڪ گيا تيرا شو نيازي گو نيازي گو نيازي، جا نعرا لڳايا.