ڏوڪري تعلقي اسپتال جون 6 مان 4 ايمبولنس ناڪارا، زخمي ۽ لاش چنگچي تي اچڻ لڳا

0
231

ڏوڪري (رپورٽ: راجا ٻگھيو) ڏوڪري تعلقي اسپتال کي ايران ۽ سنڌ سرڪار کان مليل 4 ايمبولينسون ناڪارا هئڻ ڪري مريضن ۽ لاش کي اسپتال ڏانھن چنگچي رڪشا ۽ ڊاٽسن تي آندو ويندو آهي. ڏوڪري تعلقي اسپتال ۾ مريضن کي کڻڻ لاءِ ڇھن مان صرف ٻه ايمبولينسون فعال آهن. ايڪسيڊنٽ واقعن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن، ويم لاءِ ايندڙ عورتن ۽ فوتي جي مڙهن کي کڻڻ لاءِ ڏوڪري اسپتال ۾ ايمبولينسن سهولت جي مڪمل کوٽ آهي. چئن ڪروڙن کان وڌيڪ بجيٽ هوندي به اسپتال انتظاميا پاران ايمبولينس سروس تي ڌيان نه پيو ڏنو وڃي، ڄاڻ مطابق معلوم ٿيو آهي ته ڏوڪري اسپتال انتظاميا ۽ ايمبولينس ڊرائيورن پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري پيٽرول کي بچائڻ خاطر هٿ سان ايمبولينسن کي ناڪارا بڻايو ويو آهي.

هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته ڏوڪري اسپتال جون ناڪارا بڻيل چئن ايمبولينسن جا ٽائر، انجڻ جو سامان، اسٽريڪچر سميت ٻيو سامان چوري ۽ وڪرو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن شهري منور علي، عباس علي، ضمير حسين ۽ ٻين چيو ته ايڪسيڊنٽ ۾ زخمي ٿيندڙن ۽ ويم لاءِ عورتن کي کڻڻ لاءِ پيٽرول جي آڙ ۾ ايمبولينسن جا ڊرائيور ڪيترائي پئسا وٺي رهيا آهن، پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ مريضن کي ايمبولينس نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي واپس موٽايو وڃي ٿو، هوڏانهن ڏوڪري اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ظفرالله موريو ٻڌايو ته ايمبولينسن جو سامان چوري ۽ وڪرو ٿيڻ وارو معاملو منهنجي پوسٽنگ کان پهريان جو آهي، هن چيو ته اسپتال پي پي ايڇ آءِ ۽ آءِ ايس ايچ وارن حوالي ٿيل هئي جنهن سبب ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته بجيٽ نه ملڻ سبب ايمبولينسن جو مرمتي ڪم ناهي ٿي سگهيو جنهن ڪري ڪجهه خراب بيٺل آهن، هن چيو ته صحت کاتي سنڌ کي ايمبولينسن کي ٺهرائڻ بابت لکت ۾ لکيو آهي بجيٽ ملندي ته مرمتي ڪم ڪرايو ويندو