ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نوجوان فاسٽ بالر نسيم شام جي انسٽاگرام فالوئرز جو تعداد 10 لک ٿي ويو آهي. ايشيا ڪپ کان اڳ نسيم شاهه جي فالوئرز جو تعداد 4 لک هو جيڪو هاڻ هڪ ملين ٿي چڪو آهي. افغانستان خلاف ميچ بعد نسيم جي فالوئرز جو انگ وڌيو آهي، ميچ کان اڳ سندس فالوئرز 4 لک 28 هزا رهئا پر يادگار ٻن ڇڪن بعد سندس فالوئرز جو انگ 7 لک 28 هزار ٿي ويو ۽ هاڻ اهو انگ 10 لک کان به وڌي ويو آهي.