لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مُلڪ ۾ دهشتگردي ۾ واڌ جو وڏو ڪارڻ حڪومتي بي ڌياني آهي، سرحدن جو ڪنٽرول وفاقي سرڪار جي ذميواري آهي، جيڪڏهن افغان حڪومت پاڪستان سان سهڪار بند ڪري ڇڏيو ته مُلڪ دهشتگردي جي باهه ۾ سڙي ويندو. هن چيو ته پاڪستان افغانستان سان لاڳاپا خراب ڪيا ۽ آمريڪي مداخلت قبول ڪري ورتي ته ملڪ ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ هليو ويندو. دهشتگردي جي حوالي سان ٿيل سيمينار کي وڊيو لينڪ ذريعي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته دهشتگردن وٽ آمريڪا جا ڇڏيل جديد هٿيار آهن، پوليس وٽ موجود هٿيارن سان سندن مقابلو ممڪن نه آهي. عمران خان چيو ته هڪ ٻه اڻ ڄاڻ وزير غيرذميواراڻا بيان ڏئي رهيا آهن ته افغانستان وڃي حملو ڪنداسين، جيڪڏهن افغان حڪومت پاڪستان سان سهڪار بند ڪري ڇڏيو ته دهشتگردي خلاف جنگ وڌندي ويندي، پرڏيهي وزير کي سڀ کان پهريان افغانستان وڃڻ گهرجي ها. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حصو ورتو ته ڪوليشن سپورٽ فنڊ مان پئسا ملندا هئا، جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو وڌيڪ نقصان ٿيو، معمولي معاوضو مليو، جنرل مشرف چيو ته آمريڪا کي لاجسٽڪ سپورٽ ڏينداسين، آمريڪا تي حملي ۾ ملوث ماڻهو ان جي حوالي ڪنداسين، مون چيو هو ته اسان کي آمريڪي ويڙهه ۾ اڻ ڌريو رهڻو آهي ۽ وزيرستان فوج موڪلڻ جي مخالف ڪئي. عمران خان چيو ته افغان جهاد قبائلي علائقن کان شروع ٿيو، مجاهد قبائلي علائقن کان ويندا هئا، قبائلين سڌو سنئون جنگ ۾ شرڪت ڪئي يا مدد ڪئي، ان کان پوءِ اسان جيڪڏهن نيوٽرل رهون ها ته اهڙا واقعا نه ٿين ها. هن چيو ته اسان کي سڀ کان وڏو نقصان آپگهاتي حملن سبب ٿيو، آمريڪا وٽ آپگهاتي حملن کان بچاءُ لاءِ ڪا حڪمت عملي نه هئي، طالبان جو بيانيو آيو ته پاڪستان آمريڪا جي مدد ڪري رهيو آهي، ان ڪري آپگهاتي حملا ٿيا. سندس چوڻ هو ته مون کي طالبان خان چيو ويو، آمريڪا افغانستان ڇڏي ويو ته پاڪستان وٽ وڏو موقعو هو، اسان غني حڪومت سان دوستي ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، اسان فيصلو ڪيو ته افغانستان ۾ ڪا مداخلت نه ڪنداسين، ڪوشش ڪئي ته طالبان ۽ غني حڪومت وچ ۾ سياسي حل نڪري، اسان افغانستان مان پرڏيهين کي نيڪالي ڏياري. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته امپورٽڊ سرڪار قبائلي علائقن جا فنڊ روڪي ڇڏيا، قومي سلامتي اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته قبائلي علائقن کي فنڊ ڏيڻو آهي، دهشتگردي وڌڻ جو ڪارڻ اهو آهي ته حڪومت ڌيان نه ڏنو، مون چيو هوته جيڪڏهن دهشتگردي وڌندي ته معيشت برادشت نه ڪري سگهندي. عمران خان چيو ته سمورين سياسي ڌرين چيو ته قبائلي علائقن کي ضم ڪنداسين، ان جو سڀ کان وڌيڪ نقصان يا فائدو ڪي پي جو ٿيڻو هو، سڀني صوبن فيصلو ڪيو ته ٽي سيڪڙو اين ايف سي ضم ٿيندڙ علائقن ڏانهن ويندي، رڳو پنجاب ۽ ڪي پي ضم ٿيندڙ علائقن لاءِ پئسا ڏنا، بلوچستان پئسا نه ڏنا، سنڌ کتو جواب ڏنو، قبائلي علائقن ۾ ماڻهن جي زندگي بهتر هجي ها ته مخالفت ڪرڻ وارن لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿين ها.