اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اعظم سواتي جي مبينا وڊيو ليڪ معاملي جي جاچ لاءِ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي 14 رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، سينيٽ چيئرمين ڪاميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ڪاميٽي ۾ اعظم نذير تارڙ، محسن عزيز، يوسف رضا گيلاني، غفور حيدري، انورالحق ڪاڪڙ، فيصل سبزواري، طاهر بزنجو، شفيق ترين، سينيٽر مشتاق، سينيٽر قاسم مظفر شاهه، هدايت الله، ڪامل علي آغا ۽ دلاور خان کي شامل ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ڪاميٽي ميمبرن جي چونڊ جو فيصلو پاڻ ڪندي. خصوصي ڪاميٽي اعظم سواتي جي مبينا وڊيو ليڪ جي هر رخن کان جاچ ڪندي. جڏهن ته ڪاميٽي 30 ڏينهن دوران پنهنجي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي پابند هوندي.