اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب جي آبپاشي کاتي 10 ڏينهن بعد هڪ ڀيرو وري ٽي پي لنڪ مان پاڻي کڻت شروع ڪري ڇڏي تفصيل موجب پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيل ربيع سيزن جي پهرين 27 ڏينهن دوران مسلسل ٽي پي لنڪ مان پاڻي کڻڻ بعد سنڌ جي شديد اعتراضن بعد پنجاب جي آبپاشي کاتي ٽي پي لنڪ ڪينال مان 28 آڪٽوبر تي پاڻي کڻت بند ڪئي هئي لنڪ ڪينال کي بند ڪري ڇڏيو هيو،  صرف 10 ڏينهن جي وقفي بعد پنجاب جي آبپاشي کاتي ڪالھه کان هڪ ڀيرو وري ٽي پي لنڪ ڪينال کولي ٽي پي لنڪ ڪينال ۾ 3 هزار 336 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ شروع ڪري ڏنو آھي جڏهن ته سي جي لنڪ ڪينال کي بند رکيو ويو آھي، سي جي لنڪ ڪينال کي سنڌ جي مسلسل احتجاج بعد مسلسل هن سيزن جي پهرين 16 ڏينهن تائين وهائڻ بعد 17 آڪٽوبر تي بند ڪيو ويو هيو، جنهن مان اڃان پاڻي کڻت بند رکي وئي آھي، پر پنجاب ڪالھه کان اهو چئي ٽي پي لنڪ ڪينال مان پاڻي کڻت شروع ڪئي آھي ته پنجاب پنهنجي حصي مان پاڻي کڻي رهيو آھي.