ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران سيڪريٽري سطح جي آفيسرن جون بدليون، ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار صنعتن واري کاتي جي سيڪريٽري نجب الدين سهتو کي هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو  آهي، جڏهن ته اطلاعات واري سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي کي بدلي ڪري صنعتن واري کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، ورڪس کاتي جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو کي بدلي ڪري اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته 20هين گريڊ جي آفيسر شارق احمد کي سيڪريٽري ورڪس مقرر ڪيو ويو، هوڏانهن بورڊ آف روينيو جي ميمبر ڳوٺ آباد امتياز شاھ کي بدلي ڪري سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جو  ايم ڊي مقرر ڪيو ويو، جتان زبير چنا کي بدلي ڪري سئيپ پراجيڪٽ ۾ مقرر ڪيو ويو، اطلاعات کاتي جي 19هين گريڊ جي ڊائريڪٽر پريس امتياز جويو کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر اشتهار مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته عزيز احمد هڪڙو کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر پريس مقرر ڪيو ويو.