ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پرائيويٽ نرسنگ ادارن ۾ ٻين صوبن جي شاگردن جي داخلا تي پابندي خلاف درخواست منظور ڪري لاڳاپيل ڌرين کي پنج ڊسمبر لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، آل پاڪستان نرسنگ ايسوسيئشن جي وڪيل وسيم اختر جو چوڻ آهي ته قانوني طور ملڪ جو ڪو به شهري ڪنهن به صوبي ۾ تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو، ڪنهن به شهري کي ڊوميسائيل جي شرط تي تعليم کان پري رکڻ قانون جي خلاف آهي، سنڌ ۾ ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ آهي، ٻوڏ دوران سنڌ حڪومت پنجاب کان ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف گهرايو هو عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته ٻين صوبن جو ڊوميسائيل رکندڙ شاگردن کي  داخلا جي اجازت ڏني وڃي.