اشو آف دي ڊي اسلام آباد ۾ ٻوڏ: سوشل ميڊيا تي ڳڻتي، دعائون، حڪومت مٿان طنز ۽ تنقيد

0
245

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ھيٺانھين وارا علائقا ٻڏي ويا، ڪيتريون ئي گاڏيون لڙھي ويون، سوشل ميڊيا تي اهڙيون وڊيو وائرل ٿي ويون، سوشل ميڊيا تي اهڙي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي دعا گهري وئي. جڏهن ته حڪومت مٿان تنقيد سوڌو طنزيه پوسٽون به شيئر ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ سعيد چانڊيو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڌڻِي سڀني کي پنھنجي پناھه ۾ رکي. ھي اسلام آباد جھڙي جديد ۽ منصوبي تحت اڏيل شھر جو منظر آھي. جتي راتوڪي سانوڻيءَ جي وسڪاري بعد اڄ ھي سيڪٽر اِي يارھن جو روڊ ڪنھن نالي جو ڏيک ڏيئي رھيو آھي. جنهن تي فدا ملڪ، علي دوست، غلام حسين، شير زمان ڦلپوٽو، رياض سومرو، امر کهاوڙ، آصف علي چانڊيو، ڀورا لال مالهي، اسد ميتلو، اسد مڱڻهار، امتياز جمالي، امير اياز مهر، آغا شاهه زمان پٺاڻ لکيو ته مالڪ ٻاجهه ڪري، صورتحال خطرناڪ آهي، وڊيو ۾ ڀيانڪ منظر آهن، سليم الله ڪٽوهر لکيو ته هي نئون پاڪستان آهي، عبدالباسط وگهيو لکيو ته شڪر ڪجي جو ڪٿان هي بيان نه آيو آهي ته هي سڀ سنڌ حڪومت جي نا اهلي آهي، عبدالعزيز زئور لکيو ته اهي ٻڏن پوءِ متان پاڻي ڏين، ماجد سمون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان جو امڪاني بيان، اسلام آباد جي ٻڏي وڃڻ ۾ نواز ليگ 7 پ پ وارا ملوث آهن، نيب ۽ ايف آءِ اي جاچ ڪن، جنهن تي سراج عظيم لکيو ته انهي کي ٻيو ڪم ڇا آهي، فضل ابڙو لکيو ته ان کي ڪورونا ويڪسين ٿيڻ گهرجي، سيف الله لکيو ته ايئن ئي چوندو،نياز حسين لکيو ته اهي گذريل حڪومتن جا ڪڪر هيا، ذيشان جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته توهان واهي پانڌي ۾ ايڏي برسات ڏٺي، انڊيا جي اتر پرديش ۽ اتر کنڊ ۾ به ايڏي برسات ڏٺي هوندي. ساڳي ئي برسات هينئر اسلام آباد کي به ٻوڙي پئي. ٿورڙي وقت ۾ ايڏي گهڻي برسات پئي ته ان کي Cloudbursts چئبو آهي. ڪلائوڊ برسٽ دراصل برسات جو اهڙو سائنسي رجحان آهي جتي هڪ ڪلاڪ ۾ سئو ملي ميٽر کان به وڌيڪ برسات پوندي آهي. اهڙي برسات خاص ڪري پهاڙي علائقن، مٿانهين علائقن ۾ ٿورڙي وقت لاءِ پوندي آهي. برسات جو وهاءُ ۽ رفتار ايئن ئي هوندي جيئن توهان باٿروم ۾ شاور کولي ڇڏيو… جڏهن اهڙي ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ڪندڙ برساتن جو رجحان وڌي وڃي ته سمجهو ان پٺيان Climate Change جا هٿ آهن. هي ته سڀ اڃا شروعات آهي، پوري فلم پوئتي آهي. جنهن تي عمر تيوڻو لکيو ته بلڪل ڪلائميٽ چينج ٿئي پيو، محسن جويو لکيو ته رڳو ڳالهه ڪائمينٽ چينج جي ناهي پنجاب ۾ اي اليون ۾ سدائين برساتون پونديون آهن گهٽ يا وڌ باقي علائقو برسات جي قدرتي لنگهه جي جاءِ تي ٺهيل آهي ان جو نتيجو آهي فطرت کي روڪيندا ته فطرت پنهنجو رنگ ڏيکاريندي، شاويد جاويد لکيو ته لڙهندڙ گاڏين ۾ ماڻهو ويٺل آهن، ايڊووڪيٽ رميش ڪمار چيو ته ڪلائميٽ چينج سان اڃا ڪهڙا فرق اچي سگهن ٿا، وسيم سانگي لکيو ته سنڌ کي پاڻي جي شديد ضرورت آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا اهو پاڻي سنڌ کي فائدو ڏيندو يا نقصان؟ نارائڻ ڪولهي وڊيو شيئر ڪندي طنزيه طور لکيو ته سنڌ جو شهر اسلام آباد برساتن ۾ ٻڏڻ لڳو، جنهن تي ڪانجي راڻو ڀيل لکيو ته مراد علي شاهه کي استعيفا ڏيڻ گهرجي، جئي رام ڪولهي لکي ته هن وڊيو ۾ سنڌ سرڪار جي نا اهلي نظر اچي رهي آهي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اسلام آباد جو خيال رکي، سنڌ جو شهر آهي، اياز کوسو لکيو ته اتي 8 ڪلاڪ برسات پئي آهي سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ لاءِ هڪ ڪلاڪ ئي گهڻو آهي پوءِ پنجاب جي شهر جهڏو ۾ برسات لکندا؟ امر سنڌو به طنزيه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته برسات جي ڪري اسلام آباد ۾ ماڻهن جي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، سنڌ سرڪار کي فورن برطرف ڪري سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳايو وڃي، جنهن تي ڀيم راج لکيو ته پنهنجو به وارو اچي پيو.