غيرقانوني پناهگير سنڌ لاءِ مسئلو آهن، وفاقي حڪومت حل ڪري: وڏو وزير

0
291
غيرقانوني پناهگير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پرڏيهي پناهگيرن جي مسئلي تي ڳالهائيندي چيو ته غيرقانوني پرڏيهي پناهگير سنڌ لاءِ مسئلو آهن، هو ڪراچي جي سيڪيورٽي ۽ سوڪ سروس تي وڏو بار آهن. وڏي وزير چيو ته وڌندڙ آبادي جي ڪري ڪراچي ڏوهن، پاڻي جي قلت ، لوڊشيڊنگ ۽ بيروزگاري جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. وفاقي حڪومت کي غيرقانوني پناهگيرن جو مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. پاڪستان پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي معاهدي تي صحيحون نه ڪيون آهن ان باوجود ملڪ ۾ پناهگيرن بابت لبرل پاليسي آهي، اسان ان لبرل پاليسي جي ڪري ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.