جن 31 آگسٽ تائين ويڪسين نه لڳرائي تن خلاف سختي ڪئي ويندي:اسد عمر

0
228

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي سربراهه اسد عمر ڪورونا ويڪسينيشن ڪرائڻ لاءِ ڊيڊ لائن ڏني آهي، صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو آهي ته هڪ سال کان وڌيڪ اسان ڪورونا سان گڏ زندگي گذاري رهيا آهيون، سنڌ حڪومت وڏي انداز ۾ ڪورونا کي ڏسي رهي آهي پر وزيراعظم چيو آهي ته اسان ڪورونا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ملڪ بند نٿا ڪري سگهون، هن چيو آهي ته ويڪسين لڳائڻ وارو عمل آسان ڪري ڇڏيو آهي، 31 آگسٽ تائين ويڪسين نه لڳرائڻ وارن جي لاءِ وڌيڪ سختيون ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.
هن چيو آهي ته ٻارن کي اسڪول وٺي ويندڙ ڊرائيورز، ڪنڊيڪٽرز، هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس ۾ ڪم ڪندڙ وارا ملازم ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار 31 آگسٽ کان اڳ ڪورونا ويڪسين لڳرائن، پلبڪ ڊيلنگ وارن آفيسز ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ به ويڪسينيشن جي آخري تاريخ 31 آگسٽ آهي، 18 سالن کان وڌيڪ عمر جا شاگرد به 31 آگسٽ تائين ويڪسينيشن ڪرائن، وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته استادن لاءِ به 31 آگسٽ تائين ويڪسين لڳرائڻ لازمي هوندو، ڇو ته اسان ٻارن جي صحت تي ٺاهه نٿا ڪري سگهون، جن استادن ويڪسينيشن ناهي ڪرائي اهي پهرين آگسٽ کانپوءِ اسڪول نٿا وڃي سگهن.
اسد عمر چيو آهي ته 31 آگسٽ تائين ويڪسينيشن نه ڪرائڻ وارن جو ڪم ڪرڻ تي پابندي هوندي، اهي هوٽلز، ريسٽورنٽس، شادي هالز ۾ ڪم نه ڪري سگهندا، بس اڏن ۽ عوامي هنڌن تي ڪم ڪندڙن لاءِ به ويڪسينيشن لڳرائڻ جي آخري تاريخ 31 آگسٽ آهي.
اسد عمر چيو آهي ته پهرين آگسٽ کان هوائي سفر ڪرڻ وارن لاءِ به ويڪسينيشن لازمي هوندي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊوز لڳرائڻ وارا مسافر ئي هوائي سفر ڪري سگهندا.
هن چيو آهي ته ان سيڪٽرز ۾ ويڪسينيشن جي پابندي ڪري رهيا آهيون جيڪي ڪورونا پابندين جي ڪري بند ٿيڻ سان متاثر ٿيا آهن، اڳتي جي صورتحال ڏسي ڪري وڌيڪ شعبن جي فهرست جاري ڪئي ويندي، ان موقعي تي ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ڪيسز وڌڻ کان اسپتالن تي دٻاءُ وڌيو آهي، ڪراچي ۾ وبا جي پکيڙ تيزيءَ سان نظر اچي رهي آهي.