سوال/سروي ڇا اوهان ويڪسين ڪرائي آهي؟ گهر گهر وڃي ماڻهن کي ويڪسين ڪئي وڃي، حڪومت اهڙا قدم کڻي: عوام

0
305

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اوھان ڪورونا ويڪسين ڪرائي آھي؟ ڇا اوھان جي شھر ۾ ڪورونا ويڪسين جي سھولت موجود آھي؟ ويڪسينيشن دوران ڪھڙين پريشانين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو؟ ويڪسين لازمي ڪرائڻ لاءِ حڪومت کي ڪھڙا قدم کڻڻ گھرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ويڪسين ڪرائي آهي، حڪومت کي گهرجي ته گهر گهر وڃي ڪري ماڻهن کي ويڪسين ڪئي وڃي، ڪجهه ماڻهن اهو چيو ته ويڪسين ناهي ڪرائي، سينٽرن تي سهولتن جي کوٽ جي به نشاندهي ڪئي وئي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالعليم کوکر لکيو ته اسان سڄي خاندان ويڪسين ڪرائي آهي، ڪو خاص فرق ڪونه ٿو ٿئي اگر ڪو پھرين کان ڪمزور آهي ته ان کي ھلڪو بخار اچي ٿو ، اسان جي شهر ٽنڊو ڄام ۾ بھترين سھولت آهي، نوابزاده ولماڻي لکيو ته بلڪل اسان جي شهر ۾ ويڪسين موجود آهي، پر سنڌ سرڪار کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن جو سڀ ماڻهو ويڪسين جي سهولت حاصل ڪري سگهجن، عبدالرحمان چانگ لکيو ته ها اسان ويڪسين ڪرائي آھي ۽ سينٽر به موجود آهي هاڻ ته گهر گهر وڃي به ويڪسين ڪئي وڃي ٿي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته بلڪل مون ۽ منھنجي سڄي فيملي ويڪسين ڪرائي آهي، اسان جي شھر مٺي ۾ ڪورونا وبا جي ويڪسين لاءِ سينيٽر قائم آهي، سنڌ حڪومت ۽ ٿر جي چونڊيل نمائندن کي عرض ٿا ڪريون ته ٿرپارڪر ۾ گھمڻ ايندڙ سياحن کي مٺي/ننگرپارڪر ۾ انٽر ٿيندڙ پوائنٽن تي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وڃي ۽ ويڪسين ڪئي وڃي، ماسڪ جو استعمال ڪرايو وڃي، شيراز چانگ لکيو ته اسان وٽ ڳوٺ ۾ نظرپور بيسڪ ھيلٿ يونٽ جي ٽيم آئي ھئي، ماجد پلهه لکيو ته اسان جي شھر درياخان مري ۾ ڪورونا ويڪسين جي سهولت آهي، ظهير لغاري لکيو ته ويڪسين جي سهولت آهي. مون ويڪسين ڪرائي آهي.ڪامريڊ ولماڻي لکيو ته اسان ويڪسين ڪرائي آهي، صديق پنهور لکيو ته اسان رمضان شريف جي مهيني ۾ ويڪسين ڪرائي ڇڏي، ڪا تڪليف نه ٿي، پر ويڪسين جي ٻي ڊوز جي داخلا دير سان رکي وئي، جڏهن ويڪسين مقرر 21 ڏينهن اندر ئي ڪرائي هئي، ٻي ڊوز جي داخلا نه ٿيڻ سبب نادرا کان ميسيج ايندا رهيا هئا، حسين طارق لکيو ته اسان ويڪسين ڪرائي آهي ڪوبه مسئلو نه ٿيو نه آهي، ظفر رند لکيو ته اسان ڪورونا ويڪسين جو پهريون ڊوز ڪرائي ڇڏيو آھي اسان جي مقصودو رند شھر ۾ سهولت آهي، علم الدين رند لکيو ته اسان ويڪسين نه ڪرائي آهي ويڪسين جي سهولت اسان جي ڳوٺ سمون رند ۾ آهي، ثناءُالله چنا لکيو ته ٺري تعلقي ۾ ويڪسين ڪئي پئي وڃي، الاهي بخش سومرو لکيو ته اسان ويڪسين نه ڪرائينداسين، خادم گهراڻو لکيو ته مون ۽منهنجي فيملي ويڪسين ڪرائي آهي سرٽيفڪيٽ به ڊائونلوڊ ڪري ڇڏيو، اسان وٽ رورل هيلٿ سينٽر ۾ سينٽر کليل آهي، گل حسن شر لکيو ته ويڪسين لازمي ڪرائڻ وارو ضد اجايو آهي، قائم علي خان لکيو ته اسان سڀني کي ويڪسين ڪرائڻ گھرجي ان سان گڏوگڏ سرڪاري ھدايتن تي سختي سان عمل ڪرڻ گھرجي، مون قاسم آباد کان ويڪسين ڪرائي آھي، علي عباس جمالي لکيو ته جي اسان وٽ ويڪسين جي سهولت موجود آهي، مون به ويڪسين ڪرائي آهي، حڪومت کي گهرجي ته گهر گهر وڃي ماڻهن کي ويڪيسن ڪن. ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته اسان اڃان تائين ويڪسين ناهي ڪرائي، جلد ويڪسين ڪرائبي، آسن داس لڇواڻي لکيو ته اسان اڃا تائين ويڪسين ناهي ڪرائي ويڪسين ڪرائڻ لاءِ ڏھه چڪر سنٽر تي وياسين پر ويڪسين ختم ٿي وئي وارو جملو ٻڌڻ لاءِ مليو سنڌ سرڪار کي گهرجي ويڪسين جا فائدا ۽ نقصان ٻئي ٻڌائي، ڪاشف راجا لکيو ته ويڪسين زبردستي ڇو؟ آسودمل لوهاڻو لکيو ته جي ها مون ۽ منهنجي گهرڀاتين سڀني جي ويڪسين ڪرائي آهي اسان وٽ پٿورو شهر ۾ ويڪسين سينٽر موجود آهي، حڪومت کي گهرجي ته گهر گهر وڃي ويڪسين ڪري، مير حسين لکيو ته اسان ڪورونا ويڪسين تڏھن ھڻائينداسين جڏھن سنڌ ۾ غير قانوني رھندڙ پرڏيھين کي واپس پنھنجي ملڪ روانو ڪيو ويندو.خاموش خليل شر لکيو ته اسان پهريون ڊوز هڻائي ڇڏيو آهي ٻيو ڊوز لڳندو، اسان جي شھر ڪرونڊي ۾ حڪومت جا شرط ٻڌي ماڻھن جي رش لڳي پئي آھي، ويڪسين ڪرائي هن وبا کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريو، حاجي خان پنهور لکيو ته اسان اڃا تائين ويڪسين ناهي ڪرائي، انشا الله جلدي ويڪسين ڪرائندس هڪ وبا خاطر ويڪسين سڀني کي ڪرائڻ گهرجي، جاويد هڪڙو لکيو ته ويڪسين ڪرائي آهي پر ان جي رجسٽريشن ناهي ڪئي وئي، ان لاءِ آر بي يو ٽي ويڪسينيشن انچارج جو چوڻ آهي ته اهي لسٽ موڪليندا آهن پوءِ نادرا وارا آن لائن ڪندا آهن پر اڄ تائين مسيج ناهي آيو، سرٽيفڪيٽ لاءِ وري نادرا جا چڪر ڪاٽڻا پوندا. غلام محمد لکيو ته ويڪسين ضروري آهي، منصور من لکيو ته مفت ۾ ڪير درد کڻي، عبدالله ميراڻي لکيو ته ويڪسين ڪرائي آهي، سڀني کي ويڪسين ڪرائڻ گهرجي، راجا حيدر ٿيٻو لکيو ته منظورآباد م ڪجھه ڏينھن اڳ ويڪسين ڪندڙ ٽيم آئي ھئي پر ڪنھن ويڪسين نه ڪرائي، ڊي ڪي بلوچ لکيو ته دادو ۾ سهولت آهي، علي معراج لکيو ته ويڪسين ناهي ڪرائي، هادي بخش کوسو لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته صحت کاتي جون گشتي ٽيمون ٺاهي ڳوٺ ڳوٺ ۾ موڪلي. حبدار علي وارث لکيو ته اسان وٽ هڪ سينٽر آهي، مظفر بوزدار لکيو ته سهولت آهي، جاني بابا لکيو ته ڪاري سائي، ڪتي جي چڪ ۽ ٻين بيمارين جي ويڪيسين لڀي ئي نٿي، لال خان شر لکيو ته ڄام صاحب ۾ ويڪسين ڪرڻ لاء سينٽر آهي، ويڪسين ڪرائي آهي، حبيب الله عمراڻي لکيو ته اسان جي شهر ۾ ڪورونا ويڪسين سينٽر ته آهي پر سينٽر تي ويڪسين ناهي، عصمت الله رند لکيو ته مون ۽منهنجي فيملي ويڪسين ڪرائي آهي، شاهد شر لکيو ته نارو ۾ ويڪسين ڪندڙ ٽيم آئي هئي، سجاد علي ڪٻر لکيو ته سيٺارجا ۾ بهتر سهولت آهي، نماڻو نوناري لکيو ته ڪورونا ويڪسين ڪرائي آهي.